حيدرآباد(بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي هالا ناڪي ۽ ڀرپاسي جا رهواسي بجلي بند هجڻ خلاف رستن تي نڪري آيا ۽ پراڻي نيشنل هاء وي تي پهچي ٽائرن کي باھ ڏئي روڊ بند ڪري ڇڏيو. مظاهرين حيسڪو انتظاميا خلاف سخت نعريبازي به ڪئي. ٽائرن کي باھ سب گاڏين جي اچ وڃ رڪجي وئي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون. مظاهرين ٻڌايو ته هالا ناڪي ۽ ڀرپاسي جي آبادين ۾ بجلي بند ڪي وئي آهي جنهن سبب معمول جي زندگي سخت متاثر ٿي آهي. هنن چيو ته حيسڪو جو ادارو صارفين لاء عذاب بڻجي ويو آهي. هڪ ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ ڪئي وڃي ٿي ٻيو ته اڻ اعلانيل لوڊ شيڊنگ جي ڪري صارفين ٻٽي عذاب ۾ مبتلا رهن ٿا. انهن مطالبو ڪيو ته بجلي چالو ڪري انجي نظام کي بهتر بنايو وڃي. انهن صارفين سان زيادتيون ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي جي به گهر ڪئي.شهرين جي احتجاج جي اطلاع تي پوليس پهچي ساڻن ڳالهيون ڪيون ۽ بجلي جي بحالي جي خاطري تي روڊ کولائي ڇڏيو. معطل ٿيل ٽريفڪ بعد ۾ بحال ٿي وئي.