قاضي احمد (رپورٽ: الهه رکيو سيال) قاضي احمد ويجھو ناري فوت، پيءُ تي تشدد ڪري مارڻ جو الزام، گرفتار، ان ڏس ۾  قاضي احمد لڳ بچل پور پوليس ٿاڻي جي حد ڳوٺ ڍولاڻي ملاح ۾  22 ورهين جي بشيرا ملاح فوت ٿي وئي، ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيوويو، جتان پوسٽ مارٽم بعد مرهه وارثن حوالي ڪيو ويو، ان موقعي تي اسپتال ۾ موجود فوتي ناري جي امڙ شھزادي ملاح پنهنجي مڙس خادم ملاح تي قتل جو الزام هڻندي چيو ته منهنجي مڙس ڌيءُ جو سڱ ڏئي ٻئي شادي ڪرڻ پئي چاهي، جنهن تي نياڻي بشيرا انڪار ڪيو ته منهنجي مڙس کيس سخت تشدد جونشانو بڻايو، جنهن سبب زخمن جا سور نه سهندي نياڻي فوت ٿي وئي آهي.هوڏانهن الزام هيٺ آيل ناري جي والد  خادم ملاح ٻڌايو ته مون مٿان ڪوڙا الزام لڳايا ويا آهن، ڌيءُ بيمار هئي، سندس علاج به ڪرايو، آئون بي ڏوهي آهيان، پاڪ ڪتاب به ساڻ  کڻي آيو آهيان، ڀلي جاچ ڪرايو.  جڏهن ته بچل پور پوليس ٿاڻي جي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ناري جي پيءُ ۽ چاچن مٿان قتل جو الزام آهي، لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، وڌيڪ جاچ ڪريون پيا. جڏهن ته پوليس فوت ٿيل ناري جي والد خادم ملاح کي گرفتار ڪري ورتو آهي.