ننگرپارڪر (ن پ ا) عوامي تحريڪ پاران ننگرپارڪر ۾ ڪارونجھر  جي ڪٽائي، ٻوڏ متاثرين جي واھر نه ٿيڻ خلاف ۽ سنڌ مان ڌارين جي نيڪالي لاءِ ريلي ڪڍي اسلام ڪوٽ  روڊ تي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي لال جروار،  نور احمد ڪاتيار، دلدار لغاري، ڪائنات ڏاھري، ڏاڏا عبدالقادر رانٽو، وڪيل وسـند ٿري، نور احمد ڪاتيار، اوڀايو جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اسان ماڻهن ۾ سجاڳي ڏيڻ آيا آھيون ته پنهنجي قيمتي زمينون ڀڳڙن جي مٺ تي سرمائيدارن کي نه وڪڻو، هنن چيو ته ڪارونجھر سنڌ جي سڃاڻپ آھي، ڪارونجھر جون ليزون ڪري ان کي تباهه ڪيو پيو وڃي، ھنن چيو ته اسان حڪومتي اڳواڻن کي للڪار ٿا ڏيون ڪارونجھر جي پٿر ۽ گگرال جي ڪٽائي فوري بند ڪئي وڃي،   اڳواڻن چيو ته  حڪمرانن هٿ سان سنڌ کي ٻوڙائي ڌرتي ڌڻين کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي،  سنڌ سرڪار   فوري طور متاثرين کي کاڌ خوراڪ فراهم ڪري، اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سرڪار  زمينون وڪڻي ڌارين کي آباد ڪرڻ ۾ ملوث آھي،  برمين، بنگالين، افغانين ۽ ٻين ڌارين سنڌ مٿان قبضو ڪري ڇڏيو آھي، سنڌ مان ڌارين کي نيڪالي ڏني وڃي، ٻي طرف عوامي تحريڪ جي اڳواڻن روپلو ڪولھي جي يادگار تي حاضري ڀري سلامي ڏني وئي.