حيدرآباد/ لاڙڪاڻو ڊويزن (نمائندن وٽان) حيدرآباد ۾ قائم امتحاني سينٽرز ۾ موبائل فون کڻي وڃڻ تي پابندي  باوجود اڪثر سينٽرن تي اميدوارن پاران موبائيل ذريعي پيپر حل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. حالي روڊ جي علائقي ۾ قائم گورنمينٽ گرلز ۽ بوائز هائير سيڪينڊري اسڪول اقراءَ جي شاگردن پاران امتحان دوران موبائيل فون تي ٺاهيل ٽڪ ٽاڪ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. وائرل ٿيل وڊيو ۾ صاف نظر اچي ٿو ته اميدوار سينٽر ۾ آساني سان موبائيل فون کڻي وڃن ٿا ۽ اتي ڪاپي دوران هو ٽڪ ٽاڪ به ٺاهيندا رهن ٿا. اسڪول جي هڪ استاد پاران ڏهين ڪلاس جي پاڪستان اسٽيڊي پيپر دوران اميدوارن کي پيپر حل ڪرڻ واريون وڊيو به وائرل ٿيون آهن جنهن ۾ پڻ نظر اچي ٿو ته سينٽر تي ڊيوٽي جو فرض سرانجام ڏيندڙ هڪ استاد ٻارن کي سوالن جا جواب ٻڌائي رهيو آهي.هوڏانهن لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي نگرانيءَ هيٺ ڪالهه ڏهين جماعت جي ڪيمسٽري جو پرچو ورتو ويو جتي صبح جي وقت امتحان شروع ٿيڻ شرط سواليه پيپر آئوٽ ٿي ويو جنهن کان پوءِ اميدوارن امتحاني سينٽرن ۾ انويجيليٽرن جي موجودگي ۾ سرعام گائيڊن ۽ موبائيل فونن جي ذريعي ڪاپي ڪندر نظر آيا. جڏهن ته اڪثر امتحاني سينٽرن ٻاهريان امتحان ڏيندڙ اميدوارن جي مٽ مائٽن توڙي دوستن جي رش رهي ، هوڏانهن لاڙڪاڻو بورڊ ۽ تعليم کاتي طرفان ڪاپي روڪڻ لاءِ جوڙيل وجيلنس ٽيمن طرفان لاڙڪاڻي ڊويزن جي پنجن ئي ضلعن سميت دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ ڪي اين شاهه جي امتحاني سينٽرن جو دورو ڪري مجموعي طور تي 201 اميدوارن کي ڪاپي ڪيس، 102 متبادل ۽ ٻن جعلي اميدوارن کي سوگهو ڪري امتحاني سينٽرن مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو.