ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي جي  وسندي سرجاني ٽائون جي خانگي اسڪول پاران نائين ۽ ڏهين ڪلاس جي  100 شاگردن جا امتحاني فارم جمع نه ڪرائڻ سبب سندن هڪ سال ضايع ٿي ويو، شاگردن ۽ والدين اسڪول ٻاهران انتظاميا خلاف مظاهرو ڪيو، شاگردن جي والدين چيو ته اسان کان امتحاني فارم في جي نالي تي پئسا وٺڻ باوجود  فارم بورڊ ۾ جمع نه ڪرايا ويا. جنهن ڪري اسان جي ٻارڙن جو سال ضايع ٿي ويو آهي. هنن مطالبو ڪيو ته اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.