لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ نوجوان رب رکيو مغيري جي ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ ٽي ٻارڙا ثناءَ الله پٽ بشير  مگسي، سندس سئوٽ يار محمد پٽ محمد فضل مگسي ۽ شرف پٽ محمد يامين چانڊيو زخمي ٿيا هئا.هڪ نينگر 8 ورهين جو شرف الدين چانڊيو زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو.لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.ايس ايچ او رحمت پور ٻڌايو ته ڀينس ڪالوني وڳڻ هوٽل واري علائقي ۾ ڪاڄ دوران فائرنگ ۾ ٽي ٻارڙا زخمي ٿيا، شرف الدين چانڊيو فوت ٿي ويو، ٻن نينگرن جي صحت سڌرندڙ ٻڌائي پئي وڃي. هن ٻڌايو ته واقعي بعد جوابدار علي گل چانڊيو کي گرفتار ڪري زخمي نينگرن ثناءَ الله ۽ يار محمد مگسي جي ڏاڏي حضوربخش مگسي جي فرياد تي اهڙو ڪيس داخل ڪيو آهي.جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪري ريمانڊ وٺنداسين.