حيدرآباد: گھر مان نوجوان جو لاش ھٿ اچڻ بعد ڏنڊا بردار ماڻھن جو حملو، مختيار ۽ 2 ڀاءُ مرڻينگ

0
675
نوجوان جو لاش ھٿ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد جي علائقي قاسم آباد ۾ لاش هٿ اچڻ بعد هٿياربند ۽ ڏنڊا برادر ماڻهن جو مختيارڪار جي گهر تي حملو، مختيارڪار ماجد ۽ واجد خاصخيلي تي ڏنڊا لڳڻ جي نتيجي ۾ مرڻينگ ٿي پيا

مختياڪار ۽ سندس ڀاءُ کي بيهوشي حالت ۾ گهر جي اڱڻ تائين گهليو ويو، ڊي ايس پي جي موجودگيءَ ۾ بيهوش ٿيل مختيارڪار کي ڏنڊا هنيا ويا، پوليس هجوم جي اڳيان بي وس بڻيل رهي، مختيارڪار ۽ سندس ڀاءُ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو

حيدرآباد ۾ مختيارڪار جي گهر مان نوجوان جو لاش هٿ اچڻ بعد ڇڪتاڻ ٿي  وئي، قومي شاهراهه تي لاش سوڌو ڌرڻي دوران پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون، ڏنڊا لڳڻ سبب ايس ايڇ او سوڌو 4 اهلڪار ڄڻا زخمي ٿي پيا

مڇريل ماڻھن جي ڌرڻي سبب قومي شاهراهه تي ڪيتري ئي دير تائين گاڏيون بيٺل رهيون، ايس پي ۽ صوبائي وزير ڄام خان شورو سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو

پوليس طرفان وارثن جي مرضي موجب قتل ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪئي وئي، نوجوان عثمان سومرو جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو

واقعي بعد مڇريل ماڻهن جو مختيارڪار جي گهر تي به حملو ڪيو، ڀڃ ڊاهه ۽ جهيڙي ۾ زخمي ٿيل مختيارڪار ماجد خاصخيلي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي منتقل ڪيو ويو

وارثن جو چوڻ آهي ته نوجوان مختيارڪار جي فارم هائوس تي مالهي هو، مختيارڪار جي ڀاءُ مور پکي چورائڻ جي الزام ۾ نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، گهر مان نوجوان جي لاش سان گڏ رائيفل به هٿ آئي

مڇريل ماڻهن پاران مختيارڪار ماجد خاصخيلي ۽ پوليس تي تشدد وارا فوٽيج سامهون اچي ويا، نوجوان جي وارثن جو چوڻ آھي تھ عثمان سومرو مختيارڪار جي گهر ۾ مالهي هو، کيس بنا جواز قتل ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

 

حيدرآباد: گهر ۾ ملازمت ڪندڙ نوجوان جو گولي لڳل لاش هٿ