حيدرآباد: مبينا بد فعلي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار جيل حوالي

0
354

حيدرآباد (ن پ ا) حيدرآباد جي عدالت 9 سالن جي نينگر سان اجتماعي بدفعلي واري الزام هيٺ گرفتار 4 جوابدارن کي 11 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس 22 مئي تي لطيف آباد يونٽ 12 جي رهواسي نينگر عاصم نيازي سان بدفعلي جي الزام هيٺ 4 جوابدارن فصيح، اعراف، حسنين ۽ اشعر کي گرفتار ڪيو هو، فيروز آباد ڪالوني جي رهواسي ڊرائيور نيڪ محمد نيازي پٽ سان چئن ڄڻن پاران اجتماعي بدفعلي ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪرايو هو، جنهن جو موقف هو ته 10 مئي تي ڄاڻايل جوابدارن هم صلاح ٿي پٽ سان بدفعلي ڪئي ۽ فون سان بدفعلي جون وڊيوز به ٺاهيون هيون، سول جج جڊيشل مئجسٽريٽ نمبر 2 جي عدالت ننڍي عمر جي چئني جوابدارن کي 11 ڏينهن جي جڊيشل رمانڊ تي ٻارن واري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏيئي ڇڏيو.