حيدرآباد: سٽيزن ڪالوني ۾ بئنڪ کي لڳل ڌاڙو مشڪوڪ بڻجي ويو!

0
460

حيدرآباد: سٽيزن ڪالوني ۾ بئنڪ کي لڳل 80 لک رپين جي ڌاڙي وارو معاملو مشڪوڪ بڻجي ويو آهي. پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته بئنڪ جو لاڪر ڊرل مشين سان ٽوڙيو ويو پر لاڪر ٽٽڻ باوجود الارم نه وڳو. الارم جي تار اڳ ۾ ٽٽل هئڻ ۽ سي سي ٽي وي سسٽم غائب هئڻ سبب ڌاڙو مشڪوڪ بڻجي ويو. قتل ٿيل سيڪيورٽي گارڊ شاهد خاصخيلي جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس بئنڪ جي سيڪيورٽي گارڊ ۽ سوئيپر کي تحويل ۾ وٺي آڏي پڇا لاءِ اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن موجب بئنڪ ۾ 2 سيڪيورٽي گارڊ مقرر ٿيل آهن جيڪي 12-12 ڪلاڪ ڊيوٽي ڪن ٿا پر قتل ٿيل سيڪيورٽي گارڊ 24 ڪلاڪن کان ڊيوٽي تي موجود هو.