حيدرآباد (بيورو رپورٽ) مشهور بئنڪار  محمد علي خواجه 80 سالن جي ڄمار ۾ مختصر علالت کانپوء ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي جنهن جو مڙهه رات دير سان حيدرآباد جي گلستان فاطمه مبارڪ ڪالوني پهچايو ويو. سندس تدفين اڄ 2 وڳي ٽنڊو يوسف قبرستان ۾ ڪئي ويندي. سندس لاڏاڻي جي حوالي سان ويجهي عزيز عنايت خواجه تصديق ڪندي ٻڌايو ته محمد علي خواجه کي دل ۾ تڪليف ٿي هئي جنهن ڪري علاج لاء کيس ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي هن دم ڏنو. محمد علي خواجه 8 اپريل 1942ع ۾ جنم ورتو. هو جولاء 1996ع تائين لاڳيتو پڪڪ جو سي اي او رهيو جڏهن ته هن يو بي ايل سميت مختلف بئنڪن ۾ پڻ پنهنجو خدمتو سرانجام ڏنيون.