جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد جي فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ذوالفقار شيخ جي عدالت 20 ڪلو چرس جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي اوستا محمد واسي عطا محمد گجر کي عمر قيد ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي، ڏنڊ جي رقم ادا  نه ڪرڻ تي جوابدار ھڪ سال وڌيڪ قيد ڪاٽيندو واضح رھي ته صدر پوليس 3 اپريل 2021ع تي پٿر موڙ وٽ تلاشي دوران 20 ڪلو چرس سميت گرفتار ڪري ورتو ھو.