جيڪب آباد (رپورٽر)  جيڪب آباد جي سول اسپتال ۾ سپاف اڳواڻن پاران ڪاهه ڪري ڀڃ ڊاهه واري واقعي خلاف ٻي ڏينهن به ڊاڪٽرن ۽ عملي پاران بائيڪاٽ ڪيو ويو بائيڪاٽ سبب ايمرجنسي وارڊ بند رهيو جنهن سبب علاج سانگي ايندڙ مريضن کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي ويو، جڏهن ته پيپلز يوٿ ضلعي صدر جهانگير کوسو، هاري ڪميٽي لاڙڪاڻي ڊويزن جو صدر ديدار جکراڻي ۽ ٻيا ميڙ کڻي ايم ايس ڊاڪٽر انيس سنجراڻي وٽ آفيس پهچي ويا پ پ اڳواڻن جي اچڻ کانپوءِ ايمرجنسي وارڊ ۾ ڀڃ ڊاهه واقعي کي لئه مٽي ڪيو ويو آهي ان سلسلي ۾ ينگ ڊاڪٽر ايسوسيئيشن جي ضلعي صدر ڊاڪٽر حسن رضا کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پ پ يوٿ وارا سول اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ وٽ لنگهي آيا آهن جنهن کان پوءِ ايم ايس انهن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ايم ايس جي هدايتن تي بائيڪاٽ ختم ڪري ايمرجنسي وارڊ کوليو ويو آهي، پيپلز يوٿ جي ضلعي صدر جهانگير کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سپاف جي ضلعي صدر بابر ٿهيم ايمرجنسي وارڊ ۾ ڀڃ ڊاهه ناهي ڪئي مريض ۽ ڊاڪٽر جي وچ ۾ مسئلو پيدا ٿيو هو ان لاءِ شهر جي بهتري ۽ سيلاب ۾ ايمرجنسي وارڊ بند هئڻ واري معاملي تي ميڊيڪل سپريٽنڊنٽ وٽ پهتاسين جيئن غلطي فهميون ختم ڪري شهرين جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪيو وڃي. واضح رهي ته سول اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ تي سپاف جي اڳواڻن حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ۽ ڊاڪٽرن کي گارگند ڪيو ويو هو جنهن کان پوءِ ڊاڪٽرن ۽ عملي بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو هو