نوري آباد (ن پ ا) ڪوهستان جو سياسي سماجي اڳواڻ جاني خاصخيلي ۽ نھال خاصخيلي  کي نوري آباد پوليس تيل چوري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ڪجھ ڏينھن اڳ نوري آباد پوليس صادق آباد واسي صديق عرف  صادق پنجابي کي پارڪو تيل چوري ۾ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ھو  جنھن جي بيان نوري ساڳئي ڪيس ۾ جاني ۽ سندس ڀاء نھال  خاصخيلي کي نوري آباد مان گرفتار ڪري لاڪپ ڪري ڇڏيو آهي. ڪوھستان جي سياسي سماجي اڳواڻن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي صاحب الدين خاصخيلي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ايس ايچ او ھاشم بروھي ونگاري ايس ايچ او آھي جيڪو بي گناھ منھنجي ڀائرن کي کڻي ڪوڙو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي جاني خاصخيلي کي سياسي ماڻھو کيس ڪمزور ڪرڻ لاء ڪوڙا ڪيس داخل ڪري رھيا آھن انھن چيو ته پوليس جو ڪم عوام جو تحفظ ڪرڻ آھي پر ڪوھستان ۾ پوليس جو  ڪردار ابتڙ آھي  انھن ايس ايس پي ڄامشورو ۽ اعلي عدالتن کي اپيل ڪندي چيو ته  سماجي اڳواڻ جاني خاصخيلي ۽ نھال  خاصخيلي تان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري آزاد ڪيو وڃي  ٻي صورت ۾ سخت  احتجاج ڪيو ويندو ٻي پاسي ايس ايچ او ھاشم بروھي صحافين کي موقف ڏيندي چيو ته  جاني خاصخيلي  ۽ سندس ڀاء پارڪو تيل جي چوري ۾ ملوث آھن جنھن ڪري کيس گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.