هالا (رپورٽ: عبدالغفور ميمڻ) ھالا ڀرسان سالارو ٿاڻي جي حد ڪچي واري علائقي ۾ بوزدار محلي ۾ رهندڙ کوسا برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي معاملي تان تڪرار تيز ٿي ويوآهي.  ڪالهه ٿيل جهيڙي ۾ هڪ ڌر جي لٺ بردار ماڻهن لٺيون هڻندي 50 ورهين جي محب علي ولد مريد کوسو کي ٿڏي تي ماري فرار ٿي ويا. واقعي جي اطلاع تي سالارو پوليس جاء واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جي وارثن سان محب علي جي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقه اسپتال ھالا پهچايو. واقعي جي اطلاع مقتول جا ڪيترائي مائٽ ھالا اسپتال پهچي ويا.  وارثن ٽائيم نيوز آڏو جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪندي ٻڌايو ته مقتول ۽ جوابدارڌر ۾ رستيء جي لنگهه تان تڪرار هلندڙ هو، جنهن جي نبيري لاءِ ٻئي ڌريون مقامي بااثر شخصيتن وٽ روزانو پنڌ پڻ ڪري رهيون ۽ فيصلي جي نه ٿيڻ سبب رستيء جي لنگهه تان هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. ٻئي طرف سالارو پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مقتول ۽ جوابدار ڌرين ۾ رستيء جي لنگهه تان ٿيل جهيڙي سبب همراه کي قتل ڪيو ويو ۽ جوابدار جا ماڻهو فرار ٿي ويا آهن جن جلد گرفتار ڪيو ويندو. ٻئي پاسي واقعي جو سالارو ٿاڻي تي ڪو به ڪيس وغيره داخل ناهي ٿي سگهيو.