سٺ ميل (ن پ ا) سٺ ميل ڀرسان يوسي سهيلو جي ديهه 18 نصرت ۾ ڳوٺ سرائي محبت سيٺار ويجهو ايل بي او ڊي سم نالي ۾ هڪ شخص جو لاش لڙهندي ڏسي ڳوٺاڻن ان کي ڪڍي ورتو، پوليس مطابق لاش جي سڃاڻپ 45 سالا شوڪت علي زرداري ويٺل ڳوٺ لعل محمد زرداري ٻٽا واٽر طور ٿي آهي، پوليس لاش تعلقه اسپتال دوڙ منتقل ڪري ڇڏيو.