شاهپورچاڪر (ن پ ا) برساتن ۽ سيلاب واري صورتحال سبب شاهپورچاڪر جو بند پيل گورنمنٽ گرلز پرائمري اسڪول ڏيڍ مهيني بعد کلي ويو، ڪالهه ميڊيا جي نشاندهي تي پاڪستان نيوي جو ڪيپٽن ذيشان پنهنجي ٽيم سان گڏجي گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول پهچي متاثرن کان  مسئلا معلوم ڪيا، جنهن بعد اسڪول ۾ پڙهائي جي عمل جي شروعات ڪرائي ڇڏي.