سرحد (ن پ ا) سرحد ٿاڻي جي حد جهانپور شريف ۾ نامعلوم چور ڳوٺاڻن قربان علي دايو ۽ محسن علي دايو جي گهرن ۾ گهڙي ساڍا 3 ٽي لک رپيا روڪ، پنج تولا سون، موبائل فون ۽  ٻيو سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد متاثر ڳوٺاڻا رپورٽ داخل ڪرائڻ سرحد ٿاڻي تي پهتا ته ايس ايچ او سرحد لياقت مغيري چوري جو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ان دوران ڳوٺاڻن ۽ ايس ايچ او وچ ۾ مُنهن ماري ٿي پئي. ايس ايڇ او سرحد پاران ڳوٺاڻن مٿان ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جون ڌمڪيون پڻ ڏنيون ويون. اهڙي وڊيو پڻ وائرل ٿي وئي..