جنگ سدائين ٻارن تي اثرانداز ٿيندي آهي: ملاله جو حماس اسرائيل جي جنگ بندي جو مطالبو

0
154
جنگ سدائين ٻارن تي اثرانداز ٿيندي آهي: ملاله جو حماس اسرائيل جي جنگ بندي جو مطالبو
جنگ سدائين ٻارن تي اثرانداز ٿيندي آهي: ملاله جو حماس اسرائيل جي جنگ بندي جو مطالبو

ڪراچي (م ڊ) نوبل انعام يافته سماجي ڪارڪن ملاله يوسفزئي حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ طوري فور تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو آهي

ڇنڇر جي ڏينهن فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس ۽ اسرائيل جي وچ ۾ شروع ٿيل شديد جهڙپون پنجين ڏينهن ۾ داخل ٿي ويون آهن، اسرائيل جي طرفان غزه جي ناڪابندي سخت ڪئي وئي آهي ۽ غزه تي حملا تيز ڪيا ويا آهن

اسرائيل جي طرفان غزه ۾ 200 هدفن کي نشانو بڻايو ويو، پناهگير ڪئمپ تي به حملا ڪيا ويا آهن

 

ان حوالي سان ملاله يوسفزئي ايڪس تي بيان جاري ڪيو ۽ چيو ته جيئن ته مون هلندڙ ڏينهن ۾ دل ڏکائيندڙ خبرون ڏٺيون آهن، ان دوران منهنجو ڌيان فلسطيني ۽ اسرائيلي ٻارن جي طرف آهي جيڪي جنگ جي صورتحال ۾ شديد متاثر ٿيا آهن

Gaza's children are used to the death and bombing' - BBC News

جنگ بندي جو مطالبو ڪندي ملاله پنهنجي ننڍپڻ کي ياد ڪيو ۽ لکيو ته مان صرف 11 ورهين جي هيس ته مان پنهنجي آسپاس دهشتگردي ۽ تشدد جهڙو ماحول ڏٺو، صبح سويري اسان مارٽر گولن جي آوازن سان اٿندا هئاسين، هن چيو ته جنگ سدائين ٻارن تي اثر انداز ٿيندي آهي، حماس ۽ اسرائيل کي جنگ بندي ڪرڻ گهرجي

هي به پڙهندا

اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا