پارليامينٽ طرفان رولز ۾ ترميم ڪرڻ سان آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو: جسٽس اعجاز الاحسن

0
168
پارليامينٽ طرفان رولز ۾ ترميم ڪرڻ سان آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو: جسٽس اعجاز الاحسن
پارليامينٽ طرفان رولز ۾ ترميم ڪرڻ سان آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو: جسٽس اعجاز الاحسن

اسلام آباد: جسٽس اعجاز الاحسن چيو آهي ته جيڪڏهن پارليامينٽ سپريم ڪورٽ جي ٺاهيل رولز ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي ته پوءِ آزاد عدليه جو تصور ختم ٿي ويندو، هُن اهي ريمارڪس سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪيس جي ٻڌڻي دوران ڏنا

چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ پاران ڪيس جي ٻڌڻي، اٽارني جنرل عثمان انور چيو ته آرٽيڪل 191 پارليامينٽ کي قانونسازي جو اختيار ڏئي ٿو

 جسٽس اطهر من الله چيو ته اٽارني جنرل صاحب آرٽيڪل 191 ۾ رڳو لاء جو لفظ نه آهي، اهو سبجيڪٽ ٽو لاء لکيل آهي، جسٽس منيب اختر چيو ته آرٽيڪل 8 چوي ٿو ته اهڙي قانونسازي نه ٿي سگهي جيڪا بنيادي حق واپس وٺي

 اٽارني جنرل چيو ته آرٽيڪل 191 قانون ٺاهڻ جو اختيار ڏئي ٿو، رڳو عدليه جي آزاديءَ جي خلاف قانونسازي نه پئي ٿي سگهي، پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ عدليه جي آزاديءَ جي خلاف نه آهي، جڏهن کان آئين ٺهيو آهي آرٽيڪل 191 ۾ ڪا ترميم نه ٿي آهي، آرٽيڪل 191 ۾ ترميم نه ٿيڻ عدليه جي آزادي کي يقيني بڻائڻ آهي

جسٽس منيب اختر چيو ته ڪنهن به حالت ۾ صوبا وفاق جي معاملن تي قانونسازي نه ٿا ڪري سگهن، معاملو جيڪڏهن صوبي جي عوام جي حقن ۽ هاءِ ڪورٽ جو هجي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟