جنيوا ڪانفرنس مان اميد ۽ آءِ ايم ايف جو آسرو

0
250
سياسي گرمي ۽ مڪاني چونڊن ۾ وسري ويل ٻوڏ متاثر

پاڪستان جون معاشي حالتون اتي اچي پهتيون آهن جتي هر ڪنهن جي وات اها وائي آهي ته ڪٿي ملڪ ڊيفالٽ نه ڪري وڃي.انهي جو سبب ڇا به هجي پر اڄوڪا حڪمران ان کي اڳوڻي حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو  قرار ڏئي رهيا آهن جڏهن ته اڳوڻا حڪمران وري اهو الزام لڳائي رهيا آهن ته پرڏيهي سازش تحت سندن حڪومت کي هٽائڻ جي ڪري اها معاشي صورتحال خراب ٿي آهي ڇاڪاڻ ته سياسي عدم استحڪام پيدا ٿيڻ ڪري  پاليسين ۾ تسلسل نه رهيو ۽  پرڏيهي سيڙپڪاري رڪجي وئي.سبب ڪهڙو به هجي پر انهي سڄي صورتحال جي ڪري عذاب ۾ عوام آهي جنهن کي نه سستو اٽو ٿو ملي نه ئي وري مهانگائي قابو ۾ اچي رهي آهي.جڏهن ته سانوڻي ۾ آيل برساتي ٻوڏ صورتحال وڌيڪ خراب ڪري ڇڏي ۽ لکين ماڻهو اڄ به دربدر آهن ۽ بحالي لاءِ حڪومتي مدد جا منتظر آهن ۽ حڪومت وري ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ ملڪي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ عالمي امداد ۽  آءِ  ايم ايف جي قرض جي آسري تي آهي. جيڪڏهن حڪومت کي ٻاهرين امداد ملي ٿي ته ٻوڏ متاثرن جو به ڪجهه بلو ٿي سگهندو ۽ ملڪي معيشت به اڳتي رڙهڻ جهڙي ٿيندي جيڪڏهن اميد جيتري امداد ۽ قرض نه ٿو ملي ته ملڪي معيشت ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي جو ٻيو ڪو امڪان نظر نه ٿو اچي ڇو ته ملڪي خزانو ان حالت ۾ ئي ناهي جو اهو بار اڪيلي سر کڻي سگهي.

جنيوا ۾ گڏيل قومن ۽ پاڪستان جي  ميزباني هيٺ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ عالمي ڊونرز ڪانفرنس شروع ٿي آهي جنهن ۾ پاڪستان کي اميد مطابق مدد جو آسرو مليو آهي جنهن کي حڪومت پنهنجي اهم ڪاميابي ڄاڻائي رهي آهي. انهي عالمي امداد سان هڪ طرف ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي ڪوششن کي هٿي ملندي ته ٻئي طرف ملڪ کي جيڪو فوري طور ڊيفالٽ جو خطرو آهي ان کان به بچي سگهبو ،ڇاڪاڻ ته آءِ ايم ايف سان به ڳالهيون ٿيڻون آهن جتان قرض جي قسط ملڻ جو آسرو آهي.عالمي امداد ۽ آءِ ايم ايف جو قرض اهو عارضي حل آهي جنهن ذريعي فوري طور ملڪ کي ڊيفالٽ کان بچائڻ ۽ ٻوڏ متاثرن جي ڪنهن قدر بحالي ممڪن ٿي سگهندي انهي کانپوءِ حڪومت جو اصل امتحان شروع ٿيندو ته اها ڪهڙيون معاشي پاليسيون ٿي جوڙي جن سان ملڪي معيشت به پنهنجي پيرن تي بيهي ته عوام کي به رليف ملي سگهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف  قرض ڏيڻ لاءِ راضي نه ٿيو ته ملڪ جي ڊيفالٽ ٿيڻ جو خطرو آهي جنهن کان پوءِ مهانگائي ۽ شين جي اڻلڀ ٿيڻ جو اهڙو طوفان ايندو جو ضرورت جون شيون ته ڇا ماڻهو ٻن ويلن جي ماني لاءِ پريشان ٿي ويندا. هن وقت ئي سڄي ملڪ ۾ اٽي ۽ عام استعمال جي شين جا اگهه ايترا چوٽ چڙهي ويا آهن جو عام ماڻهو پنهنجون ٻيون ضرورتون پاسي تي رکي رڳو ٻن ويلن جي ماني جو بندوبست ڪرڻ ۾ پورا آهن. هن وقت جيڪو سڀني کان اهم مسئلو آهي اهو اهو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي ڪيئن ڪئي وڃي ۽ ملڪ مٿان ڊيفالٽ جي خطري کي ڪيئن ٽاريو وڃي، جيڪو آسرو آءِ ايم ايف جي امڪاني قرض ذريعي ئي   ڪري سگهجي ٿو جنهن کان پوءِ ئي دوست ملڪن  جي امداد يا قرض ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري جا وڌيڪ دروازا کلي سگهن ٿا.

اسان سمجهون ٿا ته جنيوا ۾ ٿيندڙ عالمي ڊونرز ڪانفرنس ۾ شروعاتي اعلان پاڪستان جي ٻوڏ متاثرن ۽ خود پاڪستان لاءِ  اميد جو هڪ ڪرڻو آهن ۽ اها اميد پيدا ٿي آهي ته ٻوڏ ۾ دربدر ٿيل ماڻهن جي بحالي لا ءِ ڪوششون ڪامياب ٿينديون پر اصل مسئلو حڪومت جي ڪارڪردگي جو آهي ته ٻاهريان ايندڙ امداد کي اها ڪيئن شفاف نموني انهن ٻوڏ متاثرن جي مڪمل بحالي تائين خرچ ڪري ٿي، ڇاڪاڻ ته حڪومتن جا ماضي جا مثال  ۽ تجربا ڪي سٺا نه رهيا آهن.بهرحال جنيوا ڪانفرنس مان بهتر اميد ۽ آءِ ايم ايف مان ئي آسرو آهي جن ڏانهن  پاڪستان هن وقت ڏسي رهيو آهي.