پاڪستان جا ٻه مسئلا، مهانگائي ۽ ڪرپشن

0
240
پاڪستان جا ٻه مسئلا، مهانگائي ۽ ڪرپشن

 پاڪستان جا ٻه مسئلا، مهانگائي ۽ ڪرپشن آهن، پهرين اچو مهانگائي تي ڳالهايون ٿا. پاڪستان ۾ ايتري مهانگائي آهي جو عام ماڻهن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي ، وري اها وقت سان وڌندي رهي ٿي، اڄ مهانگائي 10 سيڪڙو آهي ته سڀاڻي 15 سيڪڙو ٿيندي، معنيٰ اها ڏينهون ڏينهن وڌي ٿي پئي، پوءِ ڇا ڪجي؟ان کي گهٽائڻ جو ڪو طريقو ٿي سگهي ٿو؟ سڀ طريقا ناڪام ٿي ويا آهن، جيستائين ڊالر جواگهه وڌندو رهندو مهانگائي وڌي رهندي. اٽو هڪ بنيادي شيءَ آهي غريب ماڻهو به اٽو استعمال ڪري ٿو، جو انهي کانسواءِ ان جو گذارو نٿو ٿئي. پهرين اٽو اٽڪل 50 رپيا في ڪلو هيو، هاڻي اهو وڌي 140 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي. اچو ساين ڀاڄين تي پهرين سايون ڀاڄيون سستيون هيون پر هاڻي انهن جا اگهه چوٽ چڙهي ويا آهن،خاص طرح برساتن کانپوءِ انهن جا اگهه وڌي ويا آهن ڇو جو برساتن اهي ختم ڪري ڇڏيون آهن، اچو ٽماٽن تي اهي  150 کان 200 رپيا في ڪلو وڪامن ٿا،وري اچو پٽاٽن تي انهن جو اگهه هينئر 100 کان 150 ڪلو آهي، وري ساڳئي نموني ٻين ڀاڄين  جا ريٽ به چوٽ چڙهيل آهن. اچو وري ڪرپشن تي اها به پاڪستان ۾ ڏينهون ڏينهن وڌندي ٿي پئي. هيٺيون عملو گهٽ ليول جي ڪرپشن ڪري ٿو، جيئن ڪلرڪ، تپيدار ۽ مختيارڪار اهي هزارن ۾ ڪرپشن ڪن ٿا، وري ٻيا سياستدان ۽ اقتدار وارا آفيسر  آهن، اهي اربن کربن جي ڪرپشن ڪن ٿا، وري انهن کان پڇڻ وارو ڪير به ناهي ، ملڪ ۾ڪرپشن ڪيئن گهٽجي سگهي ٿي، انهي جا ٽي هيٺيان نمونا ٿي سگهن ٿا،

1.سزا ڏيڻ

دنيا جي هر ملڪ ۾ مختلف ڏوهن جي سزا ڏيڻ وارو قانون يعني (Penal code) آهن انهن سان ڪٿي به ڪرپشن ختم نه ٿي آهي جن ملڪن ۾ قانون جي پاسداري آهي اتي ڪرپشن ڪافي گهٽ آهي پر ختم ڪٿي به نه ٿي آهي سخت ۾سخت سزا موت ٿي سگهي ٿي، جڏهن چين ملڪ ۾ انقلاب آيو ته چون ٿا مائوزي تنگ ماڻهن کان پڇيو ته ملڪ ۾ گهڻا بدعنوان آفيسر آهن؟ ماڻهن ٻڌايو ته لک ڏيڍ هوندا. هن چيو ته ڪروڙن جي آبادي واري ملڪ ۾ جيڪڏهن لک ڏيڍ ماڻهن جي قرباني سان ملڪ سڌري وڃي ته اها وڏي قرباني ناهي. چون ٿا ته انهي جي حڪم تي اهي لک ڏيڍ  ماڻهو مارايا ويا ۽ ملڪ ۾ ٺاپر پئجي وئي يعني بدعنواني ختم ٿي وئي، پر ڪجهه وقت گذرڻ کانپوءِ وري شروع ٿي وئي.

جڏهن ڏوهارين سان قانون تي عمل ڪرڻ وارا ٿڌا ٿي ويندا ته ڏوهه وري شروع ٿي ويندا، جڏهن اهي ڪرپشن ۾ پوندا پوءِ اها ٿوري هجي يا گهڻي جڏهن معاشري ۾ بگاڙ ٿئي ٿو ته سزا ڏيڻ وارو عمل سست ٿي وڃي ٿو،۽ ڪرپشن وڌي وڃي ٿي، پر دنيا ۾ ڪٿي به سزا ڏيڻ وارن طريقن سان ڪرپشن ختم نه ٿي آهي. چاهي اهو سڀني کان ترقي يافته ملڪ آمريڪا ئي ڇو نه هجي.

2.نظام ۾ بدلائڻ سان

جڏهن ڪو به نظام اچي ٿو  ته اهو ٺيڪ هلي ٿو، پر هوريان هوريان خرابيون ٿين ٿيون. ڪو زمانو هو ته سرمائيداري وارو نظام تمام سٺو پيو هلي پر پوءِ فيڪٽرين ۾ مزدورن جا مسئلا پيدا ٿيا، جنهن ڪميونسٽ نظام کي جنم ڏنو، جيڪو شروع ۾ ڏاڍو ڪامياب ٿيو پر هوريان هوريان ان جي مٿئين سطح وارين پارٽين ۾ خرابيون پيدا ٿي ويون ڪميونسٽ اچڻ سان ملڪ ۾ڪرپشن ختم ٿي وئي پر اتي به وري شروع ٿي وئي،مائوزي تنگ کانپوءِ جڏهن چين ۾  چو اين لائي آيو ته اتي ڪرپشن وري ڪر کنيو. چو اين لاءِ کي ڪنهن ٻڌايو ته ڪرپشن انهي ڪري سولي ٿي پئي آهي جو ڪرنسي نوٽ وڏي انگ جا آهن جو انهن جو ڏيڻ وٺڻ سولو آهي، جيڪڏهن نوٽن بدرارن اسان هڪڙي يونٽ وارا سڪا هلايون ته ٿوري رشوت لاءِ ڳوڻيوي ڀري ڏيڻيون پونديون ۽ ڪم ڏکيو ٿي پوندو، چون ٿا چواين لاءِ ان تي عمل ڪيو جنهن سان ڪرپشن ته گهٽجي وئي پر حڪومت کي پاڻ ئي ناڻي جي ڏيتي ليتي ۾ ڏکيائي ٿي ۽ وري ڪرنسي نوٽ جاري ڪرڻا پيا، معنيٰ ته نظام بدلائڻ سان وقتي طرح ڪرپشن ختم ٿي ويندي پر تمام گهڻي گهٽجي  وڃي ٿي پر ڪجهه  وقت کانپوءِ وري ڪر کڻي ٿي.

3.ماڻهن جون دليون بدلائڻ سان:

روايت آهي ته خليفو سڳورو پنهنجي خلافت جي دور ۾ رات جو مديني جي گهٽين ۾ گهمندو هو ته جيئن ماڻهن جو حال معلوم ڪري سگهي، يعني  انهن جا ڏک سور معلوم ڪري سگهي ۽ انهن کي دورڪري سگهي، هڪڙي رات جڏهن ڪنهن اڳيان لنگهيو ته ٻن ماين جي ڳالهائڻ جو آواز ٻڌائين. هاڻي مائي پنهنجي ڌيءَ کي چئي رهي هئي  ته کير ۾ ٻه ٽي وٽا پاڻي جا ملائي ڇڏ ته جيئن ڪجهه اُپت وڌيڪ ٿئي ۽ غربت گهٽجي. ڇوڪري ورندي ڏنس ته امان اهو ڏوهه جو ڪم آهي مائي چيو ته اسانکي وقت جو خليفو ته نه پيو ڏسي ڇوڪري جواب ڏنس ته اسانکي وقت جو خليفو ته نٿو ڏسي پر الله سائين ته ڏسي پيو، چون ٿا ته خليفو سڳورو انهي ڇوڪريءَ کان ايترو متاثر ٿيو جو ٻئي ڏينهن پنهنجي پٽ لاءِ انهي ڇوڪري جو رشتو گهريو.

دنيا جو ڪوئي به قانون ڪرپشن ختم ڪري نٿو سگهي جيستائين ماڻهن ۾ اهو احساس نه پيدا ٿئي ته ڪا هستي آهي  جيڪا اسانکي ڏسي ٿي پئي ۽ جنهن جي سامهون اسان کي پيش ٿي اسانکي جواب ڏيڻو پوندو. جڏهن خلافت واري دور ۾ ماڻهن ۾ اهو احساس پيدا ٿيو ته هڪڙي مائي سون جا زيور کڻي رات جو نڪري ويندي هئي، ۽ سلامتي سان گهر پهچي ويندي هئي، مجال آهي ته ڪو هن کي هٿ لائي، ايئن برابر آهي ته اسلامي خلافت وارو دور اسان آڻي نٿا سگهون جو معاشرو تمام گهڻو بگڙي ويو آهي  ماڻهن کان اهو احساس ختم ويو آهي ته ناجائز طريقن سان پئسا ڪمائڻ ڏوهه آهي، علام اقبال چئي ويو آهي ته

وائي ناداني، متاع، ڪاروي با تارع

ڪاروان ڪي دل سي احساس زيان باتارع

هينئر جيڪو ماحول آهي اسان وٽ ڪرپشن ختم نه ٿيندي ،ڪرپشن هلندي رهندي  ڪٿي گهٽ يا ڪٿي وڌ، شاهه صاحب چئي ويوآهي:

ڪت ۽ ڪنب به اڳيان توريندڙ تکا

اگهي ته پاءَ نه ته مڻن کي به موٽ ٿي

مدي رکي من ۾، سهڻو ڪتيو جن

تن جو صرافن، دڪو به داخل نه ڪيو

محبت رکي من ۾، رنڊا روڙيا جن

تن جو صرافن  اڻ توريو اگهايو

شاهه عبداللطيف ڀٽائي