اسلام آباد: عمران خان جي حڪومت ۾ آءِ ايس آءِ چيف رهندڙ جنرل فيض حميد سينارٽي ۾ پنجين نمبر تي آهي، جيڪو هن وقت بهاولپور ڪور سنڀالي رهيو آهي، سندس تعلق بلوچ ريجمينٽ سان آهي، هو ان وقت جنرل قمر جاويد باجوه جو چيف آف اسٽاف هو جڏهن جنرل باجوه ٽين ڪور ڪمانڊ ڪري رهيو هو، بطور ميجر جنرل هن پنوعاقل جي ڊويزن جي ڪمانڊ ڪئي، هو آءِ ايس آءِ ۾ ئي سي آءِ يعني ڪائونٽر انٽيليجنس سيڪشن جو ڊائريڪٽر جنرل رهي چڪو آهي ۽ آءِ ايس آءِ جي سربراهي کان اڳ ڪجهه هفتن لاءِ ايجوٽنٽ جنرل جي عهدي تي رهيو، فيض آباد ڌرڻي دوران جنرل ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد ميڊيا ۾ بحث هيٺ آيو.