اسلام آباد: سنڌ ريجمينٽ سان تعلق رکندڙ ساحر شمشاد مرزا هن وقت ٽين ڪور، جنهن کي راولپنڊي ڪور به چيو ويندو آهي، ان جي ڪمان ڪري رهيو آهي، موجوده آرمي چيف جنرل قمر باجوا به انهي ڪور جي ڪمانڊ ڪئي هئي، هي علائقي جي حوالي سان فوج جي سڀ کان وڏي ڪور آهي، جيڪا ڪشمير ۽ سياچن جهڙن علائقن جي نگراني ڪندي آهي. ليفٽيننٽ جنرل ساحر شمشاد فوج جي اهم ترين عهدن مان هڪ يعني چيف آف جنرل اسٽاف مقرر رهيو،  هو پنهنجي ڪيريئر ۾ 3 ڀيرا يعني بطور ليفٽيننٽ ڪرنل، برگيڊيئر ۽ پوءِ ميجر جنرل ملٽري آپريشنز يعني ايم او ڊائريڪٽوريٽ ۾ مقرر رهيو، ساحر شمشاد وائس چيف آف جنرل اسٽاف رهيو، جيڪو ملٽري آپريشنز ۽ ملٽري انٽيليجنس جي نگراني ڪندو آهي. ان کانپوءِ هو چيف آف جنرل اسٽاف جي عهدي تي به رهيو، ميجر جنرل طور هن ڊيره اسماعيل خان جي ان ڊويزن جي ڪمان ڪئي، جيڪا ان وقت ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿيندڙ آپريشن جي نگراني ڪري رهي هئي.