جروار: بااثر وڏيرو اسڪول ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو، شاگردن ۽ ڳوٺاڻن جو مظاهرو

0
364

جروار(ن پ ا) جروار ويجهو ڳوٺ جي بااثر اسڪول طرف ويندڙ رستو بند ڪري ڇڏيو، اسڪول ڏانهن ويندڙ شاگرد آزار ۾، رستو بند ڪرڻ خلاف شاگردن ۽ڳوٺاڻن جو احتجاج، ڳوٺ سبڙ بوزدار ۾ ڳوٺ جو بااثر وڏيري اسڪول ڏانهن ويندڙ گهٽي جو رستو بند ڪري ڇڏيو، بااثر ان رستي تي ڀت تعمير ڪري مڪمل بند ڪري ڇڏيو، جنهن ڪري اسڪول ويندڙ معصوم ٻار آزار ۾ مبتلا ٿي ويا ۽ زمينن مان گذري اسڪول وڃڻ تي مجبور ٿي ويا، هوڏانهن اسڪول ڏانهن ويندڙ رستو بند ڪندڙ بااثر وڏيري خلاف ڳوٺاڻن ۽شاگردن جو احتجاج ڳوٺاڻن ۽شاگردن حاجي خان بوزدار منٺار بوزدار سونارو بوزدار علي حسن بوزدار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته اسان جي ڳوٺ جو هي شاهي رستو هو جيڪو بااثرن بند ڪري ديوار هڻي ڇڏي آھي هاڻي رستو بند هجڻ سبب اسڪول ڏانهن ايندڙ شاگردن زمينن مان گذري اچن ٿا هنن ڊي سي گهوٽڪي اپيل ڪئي ته بااثر وڏيري خلاف ڪاروائي ڪري بند ڪيل رستو کوليو وڃي.