ڊکڻ ويجهو نينگر پاران آپگهات جي ڪوشش

0
260

ڊکڻ (ن پ ا) ڊکڻ ويجهو ڳوٺ بڊو ۾ اٺين درجي جي شاگرد فواد سولنگي پاڻ تي چاڪون جو وار ڪري خودڪشي جي ڪوشش ڪندي زخمي ڪري وڌو، نينگر جي والد شمس سولنگي جو چوڻ آهي ته 14سالا پٽ فواد کي زمين تي رونبي ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ته هن اهڙو قدم کنيو، زخمي نينگر کي لاڙڪاڻي نيو ويو آهي، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر جو اڄ پيپر هو جيڪو پيپر ڏيڻ لاءِ اسڪول وڃي رهيو هو پر سندس والد کيس رونبي ڪرڻ لاءِ چيو.