ٽوڪيو (م ڊ) خطرناڪ طوفان کي نظر ۾ رکندي 40 لک ماڻهن کي گھر ڇڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جاپان جي ڏکڻ اولهه حصي سان سامونڊي طوفان نانماڊول جي ٽڪرائڻ کي نظر ۾ رکندي لکين ماڻهن کي گھر ڇڏڻ جي هدايت جاري ڪئي وئي. پرڏيهي ميڊيا موجب سامونڊي طوفان جي ٽڪرائڻ جي خطري سبب انتظاميا 4 ملين ماڻهن کي پنهنجا گھر ڇڏي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. جاپان جي موسميات کاتي موجب سامونڊي طوفان پنهنجي شدت سان جاپان جي ڏکڻ اولهه حصي سان ٽڪرائبو جنهن سان تيز هوائون ۽ تيز مينهن پئجي سگھي ٿو. پرڏيهي ميڊيا موجب طوفان سبب وڏي پئماني تي تباهي ٿي سگھي ٿي ڇاڪاڻ ته سامونڊي طوفان جي شدت کي ڏسندي پنجين درجي جو طوفان قرار ڏنو ويو آهي. ان سان گڏ لينڊ سلائيڊنگ، درياءَ ۽ نالن ۾ ٻوڏ صورتحال کي منهن ڏيڻ جو امڪان به ظاهر ڪيو ويو آهي. طوفان سبب جاپان جي فلائيٽ آپريشن به متاثر ٿي آهي جاپان ائير لائنز ۽ آل نيپون ائيرويز پهريون ئي پنهنجون 335 اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون آهن.