ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص سول اسپتال ۾ ٻوڏ متاثر سامارو شاخ واسي خاندان جي معصوم نياڻي نازيه ڀيل رت جي ڪمي سبب فوت ٿي وئي، سرڪاري ايمبولينس لاءِ 20 ليٽر ڊيزل نه ھئڻ سبب ٽن ڪلاڪ تائين لاش سول اسپتال ۾ پيل رھيو، نينگري جي والد ۽ وارث لاش ھٿن تي رکي مدد لاءِ دانھون ڪندا رھيا ۽ هوڪا ڏيندا رهيا ته ٻوڏ متاثر آھيون، معصوم نينگري جو لاش گھر پھچائڻ لاءِ پيسا ناهن، مدد ڪئي وڃي، پر سندن ڪنھن به نه ٻڌي، جڏهن ته ايمبولينس ڊرائيور به پنهنجي بيوسي ٻڌائيندو رھيو ته آئون ۽ ايمبولينس حاضر آھيون پر ايمبولينس ۾ تيل ناھي، انچارج جو حڪم آھي ته جيڪو ڊيزل وجھرائي ڏئي ان سان ويندا ڪريو، 30 ڪلوميٽرن تي 20 ليٽر ڊيزل گهرجي، بعد ۾ شهرين چندو ڪري 3 ڪلاڪن کانپوءِ ھڪ خانگي ايمبولينس ڪرائي ڏني، جنهن بعد وارث لاش کڻائي گھر پھتا،