اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ گلگت جي اڳوڻي چيف جج رانا شميم کي پنهنجي دفاع ۾ شاهدن جي فهرست جمع ڪرائڻ لاءِ سومر تائين آخري مهلت ڏئي ڇڏي، عدالت چيو آهي ته رانا شميم بيان حلفي ثابت ڪري يا معافي گهري. عدالت چيو ته سومر تائين رانا شميم شاهدن جي فهرست جمع نه ڪرائي ته تصور ڪيو ويندو ته سندس حلفي بيان درست نه ناهي، پراسيڪيوشن 4 شاهدن تي ٻڌل فهرست عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، جنهن ۾ اڳوڻي چيف جسٽس پاڪستان ثاقب نثار کي شاهد طور شامل نه ڪيو ويو. چيف جسٽس اطهر من الله رانا شميم توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏنا ته ڪجهه ججن تي تنقيد تي اسان توهين جو قانون ناهيون لڳائيندا ۽ لڳايئنداسين، جتي ٻڌڻي هيٺ ڪيس تي اثرانداز ٿيڻ جي ڳالهه هوندي اها الڳ ڳالهه آهي،  اسان هن ڪيس ۾ شفاف ٽرائل يقيني بڻائينداسين. جسٽس اطهر من الله چيو ته ر انا شميم چيو ته غيرمشروط معافي وٺڻ چاهي ٿو پر پهرين حلفي بيان ۾ ڪيل ڳالهه ثابت ڪري، جيڪڏهن اها ڳالهه ثابت نه ٿي ته پوءِ رانا شميم چوي ته کيس غلط فهمي ٿي آهي،  ان کانپوءِ معافي گهري ته ان کي غور هيٺ آڻينداسين. چيف جسٽس چيو ته حلفي بيان ۾ ڪيل ڳالهه درست هئي يا نه، سچائي تائين عدالت پهچندي، جيڪڏهن رانا شميم پنهنجو الزام درست ثابت ڪيو ته ان خلاف ڪابه ڪارروائي نه ٿيندي، اهڙي صورت ۾ عدالت ٻئي طرف ڪارروائي شروع ڪندي. عدالت ٻڌڻي سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.