اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان عورت جج کي ڌمڪين واري ڪيس بابت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو آهي. عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ تي عمران خان خلاف داخل توهين عدالت ڪيس بابت اڳڀرائي ٿي آھي. عمران خان اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي 19 صفحن تي ٻڌل لکت ۾ جواب جمع ڪرايو، عمران خان شوڪاز نوٽيس جي جواب ۾ ضمني جواب عدالت ۾ جمع ڪرايو آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين طرفان عدالت ۾ جمع ڪرايل جواب ۾ عورت جج بابت چيل لفظن تي افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي. عمران خان جو جواب ۾ چوڻ ھو ته غيرارادي طورعورت جج بابت اهڙا لفظ نڪري آيا، جنهن تي افسوس آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته اِها سٺي ڳالهه آهي جو مونکي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو ڏنو ويو، مون سدائين ادارن جي عزت تي ٻڌل راءِ جو اظهار ڪيو آهي، خاطري ڪرايان ٿو ته ججز ۽ عدليا جو احترام ڪريان ٿو. هن چيو ته ججز عام ماڻهن کي انصاف ڏيڻ ۾ هر وقت رُڌل رهن ٿا، منهنجو مقصد عورت جج جي دل آزاري ڪرڻ نه هو، هاءِ ڪورٽ ۽ ان جي ماتحت عدالتن لاءِ تمام گهڻو احترام آهي، عورتن جي حقن جو علمبردار آهيان، اڳوڻي وزيراعظم وڌيڪ چيو ته عورت جج جي احساسن کي ڇيهو رسائڻ جو مقصد نه هو، عوامي ريلي ۾ غيرارادي طور منهن مان نڪتل لفظن تي افسوس اٿم، عورت جج کي ڌمڪائڻ جو ارادو نه پر ائين ڪرڻ بابت سوچي به نٿو سگهان، عدالت کي خاطري ڪرايان ٿو ته ايندڙ اهڙن معاملن ۾ احتياط ڪندس، آئون عدالت مخالف بدنيتي تي ٻڌل مهم هلائڻ جو سوچي به نٿو سگهان، عمران خان جواب ۾ وڌيڪ چيو ته عدالتون هميشه معافي ۽ تحمل جي اسلامي اصولن کي تسليم ڪنديون آهن، درگذر ۽ معافي جا اهي اسلامي اصول هن ڪيس تي به لاڳو ٿيندا، منهنجي وضاحت کي ڪافي سمجهي ڪيس ختم ڪيو وڃي.