تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي

0
626
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو
سکر تعليمي بورڊ شاگردن لاءِ اهم فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ملڪ ۾ ڪورونا جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي تعليمي ادارا بند ڪرڻ بابت فوري طور تي ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي

اين سي او سي پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو سمورن صوبن سان مشاورت ۽ ڪورونا جي صورتحال جو جائزو وٺڻ بعد ڪيو ويندو

 اين سي او سي جو چوڻ آهي ته تعليمي ادارن ۾ ڪورونا ويڪسين جي وڏي پيماني تي ٽيسٽ ڪئي ويندي

ان کان علاوه اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ڪورونا جي شهرن ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ جي شرح سان تعليمي سرگرميون بند ڪيون وينديون ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن کي متبادل ڏينهن تي اسڪول موڪليو ويندو

ھي به پڙھندا

ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: اين سي او سي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون