ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ: اين سي او سي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون

0
273
ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا ڪيسز ۾ واڌ کانپوءِ نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن

اين سي او سي اجلاس ۾ ملڪ ۾ ڪورونا جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا جي شرح وارن ضلعن ۽ شهرن ۾ انڊور تقريبن تي پابندي ۽ آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ 300 ماڻهن کي شرڪت جي اجازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي ته جن شهرن ۾ ويڪسين جي شرح 10 سيڪڙو کان گهٽ هوندي اتي 300 ويڪسين ٿيل ماڻهو انڊور ايونٽس ۾ حصو وٺي سگهندا، جڏهن ته 500 ويڪسين ٿيل ماڻهن کي آئوٽ ڊور ايونٽس ۾ شرڪت جي اجازت هوندي

اين سي او سي اجلاس ۾ 10 سيڪڙو کان وڌيڪ ڪورونا جي شرح وارن شهرن ۾ تعليمي سرگرميون محدود ڪرڻ ۽ 12 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن کي متبادل ڏينهن تي اسڪول موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي

ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران

اين سي او سي جي بيان موجب ايس او پيز تي عملدرآمد 10 سيڪڙو ۽ ان کان مٿي جي شرح وارن علائقن ۾ ايس او پيز 20 کان 31 جنوري تائين لاڳو ٿينديون، ڪورونا ايس او پي ايس عمل ڪرڻ جو فيصلو اجلاس ۾ انگ اکرن جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي

ھي به پڙھندا

تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو: اين سي او سي