ڪراچي: سنڌ ڪابينا سمورن صوبائي کاتن ۾ کدڙن فقيرن  لاءِ  ملازمتن  ۾ ڏهائي پنج سيڪڙو ( اڌ سيڪڙو) ڪوٽا  مختص ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، صوبائي وزير سعيد غني موجب اها مخصوص ڪوٽا آهي، جنهن تي هر حال ۾ عمل ڪرايو ويندو، کدڙا فقير پنهنجن صلاحيتن تحت هر نوڪري لاءِ اهل آهن، اسان مڪاني ادارن ۾  کدڙن فقيرن لاءِ مخصوص سيٽون رکيون آهن، انهن تي به لازمي طور کدڙا فقير ايندا،