بڪيراشريف (ن پ ا) بڪيراشريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام محمد زرداري ۾ پنجن ٻارن جي ماءُ 36 ورهين جي جئيڻي ڪولهڻ گهرو پريشاني سبب گهر اندر مبينا طور ڳچي ۾ رسي وجهي ڦاهو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو، ان حوالي سان عورت جي مڙس عالم ڪولهي ٻڌايو ته ٻارن جا وار نه ٺهرائڻ تان زال ناراض ٿي هئي، جنهن ڪري رات جو دير سان هن ڪمري اندر وڃي ڦاهو کائي زندگي جو انت آندو آهي، ٻي طرف اطلاع تي پوليس پهچي لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.