کوسڪي (رپورٽ: عبدالوهاب) کوسڪي ويجهو ڳوٺ پنجاب چڪ ۾ نابالغ مامي ۽ ڀاڻيجيءَ جا ھڪ ئي رسي ۾ ٽنگيل لاش هٿ آيا. پوليس ۽ وارثن معاملي کي خودڪشي قرار ڏئي ڇڏيو. وارثن پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان سواءِ لاش کڻائي ويا. خبر موجب گذريل ڏينهن کوسڪي ويجھو ڳوٺ پنجاب چڪ ۾ 15 سالن جي ڳڀرو جيرام پٽ سکيو ڪولھي ۽ 14 ورهين جي نينگري راڌا ڌي جيٺو ڪولھي جا گھر اندر ھڪ ئي رسي ۾ ٽنگيل لاش مليا آهن، نينگر ۽ نينگري پاڻ ۾مامو ڀاڻيجي آهن. کوسڪي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ورتا. ڪارروائي نه ڪرڻ بابت لکي ڏيڻ تي ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ايس ايچ او کوسڪي ثابت علي چانڊئي جو ان حوالي سان ٻڌايو ته واقعو بظاهر خودڪشي لڳي ٿو. وارثن لکت ۾ ڄاڻايو آهي ته اهي پوسٽ مارٽم توڙي ٻِي ڪابه قانوني ڪارروائي ڪرائڻ نٿا چاهين. اهڙي لکت بعد لاش سندن حوالي ڪيا آهن. ٻئي طرف نينگري راڌا جي پيءُ جيٺو ڪولھي ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان جي ڪنهن سان دشمني ناهي. ٻئي ٻار رات جو ماني کائي سمهي پيا ھئا، صبح جو سوير اٿيا سين ته ٻنهي جا لاش گهر جي ڇت ۾ لٽڪيل ھئا. خودڪشيءَ جو ڪارڻ اسان کي به معلوم نه آهي، نه وري ٻئي ڪنهن تي ڪو شڪ شبهو آهي. ان حوالي سان ڪنهن به قسم جي ڪارروائي ڪرڻ نٿا چاهيون.