وڳڻ (ن پ ا) وڳڻ ڀرسان نوجوان گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ لڌو خان مغيري ۾ 19 سالن جي نوجوان محمد وسيم مغيري گھرو اڻبڻت تان زھريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي ڊاڪٽرن سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، نوجوان جي پيءُ محمد عيسيٰ صحافين کي ٻڌايو ته سندس پٽ گوادر ۾ مزدوري ڪندو ھو، جيڪو 3 مھينا اڳ ڳوٺ آيو ۽ ھتي ھو ٽرڪن جي اڏن تي مزدوري ڪري روزگار ڪندو هو، ڪالهه گهر وارن سان ڪاوڙجي زھريلي دوا پي خودڪشي ڪري ڇڏي.