ٺل (ن پ ا) ٺل ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ ارڙي جي وبا تيزي سان ڦهلجڻ لڳي آهي، ان ڏس ۾ ڳوٺ رسول بخش ڪٽوهر، ڳوٺ محمد يوسف کوسو، لياقت باد کوسو سميت ٻين ڳوٺن ۾ ارڙي جي بيماري تيزي سان ڦهلجي رهي آهي، مختلف ڳوٺن ۾ ساجدا، نعمان علي ٽانوري، عابده، عائشا کوسو، آمنه، مشتاق علي، بهادر علي، سرفراز احمد، صفيه ڪٽوهر سميت 20 ٻارڙا ارڙي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن، جن کي مختلف اسپتالن ۾ داخل ڪيو ويو آهي.