بين ڪٽنگ، شڪيب الحسن ۽ تميم اقبال پي ايس ايل 6 جي رهيل ميچز تان هٿ کڻي ويا

0
450

لاهور(اسپورٽس ڊيسڪ) مشهور پرڏيهي رانديگرن ابوظهبي ۾ پاڪستان سپر ليگ سڪس جي رهيل ميچز ۾ حصو وٺڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، ذريعن موجب بنگلاديش جي شڪيب الحسن، تميم اقبال ۽ محمود الله رياض ذاتي سببن جي ڪري پي اسي ايل سڪس تان هٿ کڻي ويا آهن، ڪورونا سبب پاڪستان ڄائي آسٽريلوي ڪرڪيٽر عثمان خواجه جي شرڪت به شڪي بڻجي وئي آهي. آسٽريلين ٽيم جي آل رائونڊر بين ڪٽنگ ۽ جوبرنز، ڏکڻ آفريڪا جي جارج لنڊي به باقي ميچز کيڏڻ کان معذرت ڪئي آهي. واضح رهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي پي ايس ايل سڪس جون رهيل ميچز ابوظهبي ۾ ڪرائڻ جي مڪمل منظوري ملي وئي آهي.