بيان بازي جي سياست ۽ پيڙجندڙ عوام

0
187
بيان بازي جي سياست ۽ پيڙجندڙ عوام

 سياسي پارٽيون نظرين جي بنياد تي هلايون وڃن ٿيون. نظرين ۽ فڪري سوچ کانسواءِ سياست بي معنيٰ آهي پر اسان وٽ گذريل ڪيتري ئي عرصي کان بيان بازي جي سياست عروج تي آهي. بيان بازي جي سياست ۾ خوبصورت لفظ ته آڇيا وڃن ٿا پر اهي لفظ زخمن تي مرهم بڻجي ناهن سگهندا. اسان وٽ سياسي اڳواڻن جو هميشه اهو موقف رهيو آهي ته سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي،ملڪ اندر عاليشان نظام هلي رهيو آهي، غربت جي شرح گهٽجي وئي آهي ۽ بيروزگاري ختم ٿي وئي آهي. اهڙا بيان روز ٻڌڻ لاءِ ملن ٿا پر انهن جي حقيقت بلڪل ابتڙ آهي جتي بک، بدحالي، بيروزگاري ۽ مهانگائي هجي اتي “سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي” جهڙا  لفظ ڪنهن  عذاب کان گهٽ ناهن. سچ اهو آهي ته انسان کي جيئڻ  جي لاءِ وسيلو کپي، روزگار کپي پر بدقسمتي سان اسان وٽ ڪو وسيلو ناهي. اسان جا وسيلا ظالم ٽولن جي قبضي ۾ آهن “جيڪو ڏاڍو سو گابو”واري ڳالھه آهي ڏاڍ ۽ جبر جي بنياد تي قومون پنهنجي سڃاڻپ وڃايو ڇڏين پر اسان وٽ حڪمران طبقو  سدائين ڏاڍ ۽ لٺ جي زور تي سياست ڪندي نظر اچي ٿو.

                 اسان وٽ عام چوڻي آهي ته “ڏاڍي جي لٺ کي ٻه مٿا” چيو اهو به ويندو آهي ته سياست عوام جي ڀلائي لاءِ آهي ۽ اسان سياست جي آڙ ۾ موجوده ۽ ايندڙ نسل جي تباهي ڪري رهيا آهيون. جمھوريت (جنھن لاءِ ابراھم لنڪن چيو آھي ته ماڻهن جي حڪومت، ماڻهن جي ذريعي، ماڻهن لاءِ) جھڙا لفظ استعمال ڪري اسان معصوم عوام کي بي وقوف بڻائي رھيا آھيون. موجوده سياسي صورتحال به ڪجهه هن ريت آهي. مخالف ۽ حڪومتي ڌر ۾  هڪٻئي جي خلاف بيان بازي ۽ ڄنڊا پٽ ٿي رهي آهي حڪمرانن جي اهڙي روش سبب عوام ڀوڳي رهيو آهي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اسان جي ملڪ تي نام نهاد حڪمران قابض رهيا آهن جيڪي عوام جي اميدن تي پورو لهي نه سگهيا هر دور ۾ اسان جي حڪمرانن  شاندار منشور ۽ خوبصورت نعرا ڏئي اسان جي  عوام کي لٽيو ۽ ڦريو آهي. ڀٽي جي سياست کان ويندي موجوده سياسي حڪمرانن تائين عوام کي خوبصورت خواب ڏيکاريا ويا آهن پر انھن خوابن جي ساڀيان نه ٿي سگهي آهي. هتي ڪڏهن “تبديلي” جا بيان ڏئي عوام کان ووٽ پئي ورتو ويو آهي ته ڪڏهن “خوشحال پاڪستان” جا خواب ڏيکاري اقتدار جا مزا ورتا ويا آهن. سنڌ ۾ ته “روٽي ڪپڙا اور مڪان” جي نعري ۾ ماڻهن کي گمراھه ڪيو ويو آهي. گذريل 13 سالن کان هڪ ئي پارٽي سنڌين مٿان مڙهيل رهي آهي. ووٽ ڏيندڙ ماڻهو پنهنجي مقدر جو فيصلو ڏئي اميدوارن کي ان اميد سان ايوانن تائين پهچائيندا آهن ته سندن مسئلن کي حڪومت آڏو رکي ڪو دردن جو درمان ڪندا پر اسان وٽ حڪمران اقتدار ۾ پهچڻ کان پوءِ “جوڳي نه ڪنهن جا مٽ” وانگي گم ٿي ويندا آهن.

 ياد رکو ته خوبصورت خواب ۽ عاليشان نعرا  پيٽ ڀري نٿا سگهن جيئن اياز چيو آهي ته:

“ڍئو بنا ڍولا ڪانهي ساڃاهه سونهن جي”

 بکئي پيٽ سان سونهن جي ساڃاهه ممڪن ناهي. پاڪستان جي موجوده حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته امير ڏينهون ڏينهن امير ۽ غريب ڏينهون ڏينھن غريب ٿيندو پيو وڃي. ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ماڻهن جون متيون منجهائي ڇڏيون آهن حڪمرانن جي ناڪام پاليسي سبب ملڪ جي صورتحال ڳنڀير آهي انهي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي اردو جي ھڪ شاعر خوب لکيو آهي ته:

“اس ملڪ مين تماشي عجيب هو رهي هين

امير اور امير غريب اور غريب هو رهي هين.”

پيٽرول جي قيمتن سميت سمورين عام واهپي جي شين جا اگھه چوٽ چڙهيل آهن. ڪارل مارڪس چيو آهي ته امير طبقو ڪڏھن به نه چاھيندو ته غريب طبقو اڳتي وڌي اھو ان ڪري جو غريب طبقي جي غربت مان ئي امير طبقي جي عمارت ٺھندي آھي. غربت جي گهاڻي ۾ پيڙجندڙ  اسان جي  نسل کي اڃا گهڻو ڪجهه ڀوڳڻو پوندو. غريب طبقو عذاب واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهي ۽ حڪمران طبقو رڳو بيان ڏئي عوام کي گمراھه ڪري رهيو آهي بک بدحالي ۽ هن مهانگائي جي صورتحال ۾ ماڻهو خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن ملڪ جون اهي حالتون رهيون ته عوام جو جيئڻ مشڪل بڻجي ويندو انهي سڄي صورتحال جو هڪ سبب اهو به آهي ته اسان غلط حڪمرانن جي چونڊ ڪندا رهيا آهيون انهي ڪري ئي ڀوڳنائون ڀوڳيندا رهيا آهيون. اسان اهو ناهيون سوچيندا ته حڪمرانن جي غلط چونڊ اسان جي نسل کي تباهه ڪري ڇڏيندي پر اسان آزمايل کي وري وري آزمائيندا رهيا آهيون انهي ڪري نتيجا ڀوڳي رهيا آهيون. هاڻ ضرورت انهي ڳالھه جي آهي ته عوام کي ڪو سٺو حڪمران چونڊڻ گهرجي جيڪو اسان جي زخمن تي مرهم رکي سگهي جيڪو بيان بازي کان وڌيڪ عملي ڪم ڪري ڏيکاري .