دوداپور (ن پ ا) دوداپور ڀرسان جيڪب آباد ڳڙھي خيرو مين روڊ تي کوسا برادري پاران معشوق کوسو، فتح محمد کوسو، محمد جان کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ڳوٺاڻن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته دوداپور پوليس نوجوان صادق کوسو کي گرفتار ڪري ڊيوٽي اٽڪاءَ جو ڪيس داخل ڪري جيل اماڻيو هو،هنن چيو ته ايس ايچ او تاجوديرو نوجوان نادر کوسو کي محمدپور شھر مان گرفتار ڪري گم ڪيو آھيم، شڪ آھي ته متان ڪوڙو ڪيس داخل ڪري کيس هاف فراءِ ڪيو ويندو. ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايچ او تاجوديرو ٻڌايو ته گرفتار ناهي ڪيو، باقي جنهن جي گرفتاري لاءِ احتجاج ڪيو پيو وڃي اهو پاڻ چور آھي. چڱي مڙس رضوان اوڍو مظاهرين سان ڳالهيون ڪري چيو ته اوهان جي مسئلي بابت ايس ايس پي جيڪب آباد سان ڳالهائيندس، اوهان روڊ کوليو عوام پريشان آھي.