رتوديرو (ن پ ا ) بنگل ديري جي ڀٽا محلا ۾ 28 ورھين جي علي گوھر پٽ رحمت الله ڀٽو بيروزگاري کان تنگ ٿي پنهنجي گهر جي ڇت ۾ رئو ٻڌي ڦاھو کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو.وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان جي ايگريڪلچر ۾ ڊپلوما ٿيل ھئي پر ان باوجود کيس ڪٿي ڪا نوڪري نه ملي سگهي ھئي هو ڪافي وقت کان وٺي بيروزگار هيو جنهن سبب ھو ڏاڍو مايوس ھيو ۽ گهر ۾ پريشاني جي حالت ۾ رھندو ھيو جنهن تان ھن انتھائي قدم کنيو. اهڙي واقعي بعد نوجوان جي گھر ۾ روڄ راڙو متل آهي.