باھو کوسو (رپورٽ: محمد رمضان نوناري) بلوچستان جي علائقي ۾ سبي ميلي کان واپس ڪوئٽا ويندي پوليس ڪانسٽيبلري وين تي موٽرسائيڪل سوار پاران خودڪش ڌماڪو، پوليس وين ڪلٽي، 2 اي ايس آءِ سميت 9 پوليس اهلڪار شهيد، 7 زخمي،  ڌماڪي ۾ زخمي اھلڪار جا 2 پٽ به شھيد ٿي ويا، پوليس ۽ ايف سي علائقي کي گھيري ورتو، ان ڏس ۾ بلوچستان جي علائقي بولان جي بي ايريا ۾ ڪنبڙي پل لڳ انڊس هاءِ وي تي ھڪ ڏينھن اڳ سبي ميلي تي آيل ڪوئٽا پوليس جي ڪانسٽيبلري وين ميلي کان واپس ڪوئٽا وڃي رھي ھئي ته سامھون موٽرسائيڪل تي ايندڙ خودڪش بمبار موٽرسائيڪل پوليس ڪانسٽيبلري وين سان ٽڪرائي پاڻ کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، ڌماڪي سبب پوليس جي ڪانسٽيبلري وين انڊس هاءِ وي تي ڪلٽي ٿي پئي، نتيجي ۾ اي ايس آءِ گل بدين، اي ايس آءِ دادن علي،  وين ڊرائيور نظر محمد،  سپاھي محمد حيات پٽ حاجي خدا رحيم بروھي، اشفاق احمد پٽ حاجي محمد خير، ظھور احمد،  سميع الله، شھزاد احمد،  قيوم سميت 9 اھلڪار موقعي تي ئي شھيد ٿي ويا. جڏھن ته سليم جاويد، عبدالسلام، غلام قادر، عطاءُالله،  عبدالحق،  محمد يعقوب،  رستم  سميت 7 اھلڪار زخمي ٿي پيا، اطلاع تي بولان پوليس ۽ ايف سي جا جوان پھچي شھيد اھلڪارن جا لاش ۽ زخمين کي بولان ۽ سبي جي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو، جتان 3 اھلڪارن جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري کين وزيري اعظم جي ھدايتن تي موڪليل ھيليڪاپٽر ذريعي ڪوئٽا ريفر ڪيو ويو، زخمي اھلڪار غلام  قادر جا 2 پٽ به شھيد ٿي ويا آھن.