سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ ھاءِ ڪورٽ سکر بئنچ پاران وقتائتي ۽ مستقل پلان بابت واپس ڪيل رپورٽ ٻيهر آءِ جي سنڌ طرفان ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جمع ڪرائي ڇڏي. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل جو چوڻ آھي ته رپورٽ ۾ آپريشن لاءِ اتر سنڌ جي ڇهه ضلعن کي شامل ڪيو ويو آهي. جسٽس صلاح الدين پنهور ۽ جسٽس عبدالمبين لاکو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ پلان رپورٽ تي آرڊر پاس ڪرڻ کانپوءِ بدامني ڪيس ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو ويندو. واضح رھي ته گذريل ٻڌڻيءَ دوران پيش ڪيل پلان رپورٽ ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ 20 نقاطي شارٽ ٽرم ۽ 5 نقاطي لانگ ٽرم پلان ترتيب ڏئي رپورٽ پيش ڪئي هئي. شارٽ شرم پلان ۾ پاڪ آرمي، رينجرز ۽ پوليس پاران گڏيل آپريشن لاءِ سنڌ حڪومت کي لکيو ويندو ۽ جديد هٿيارن جي خريداري لاء 2 ارب 79 ڪروڙ سنڌ حڪومت کي جاري ڪرڻا آهن. گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ سکر جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس بيس ڪئمپون قائم ڪيون وينديون. ان سان گڏ گهوٽڪي، ڪشمور، شڪارپور ۽ سکر ۾ هنگامي طور تي لوڪيٽرز فراهم ڪري ڌاڙيلن جي موبائيل نمبر سمز بند ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن طرفان سوشل ميڊيا تي غلط پروپگئنڊا کي روڪڻ لاءِ پي ٽي اي کي لکيو ويندو.