گاجي کهاوڙ (ن پ ا) بلوچستان کان قمبر برساتي پاڻي ۾ لڙهي آيل سوئر کي  غيبي ديرو ڀرسان زيرو پوائنٽ وٽان پڪڙي ايف پي بچاءُ وٽ 50 ڪتا ڇڏي بَڇ ڪرائي وئي، ڳوٺاڻا تماشو ڏسندا رهيا، اهڙي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آھي.ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته زيرو پوائنٽ ۽ حمل ڍنڍ ۾ سوئرن کي ماري انهن جو نسل ختم ڪيو ويو آھي، ماضي ۾ هتي سوئر جام هوندا هيا پر ماڻهن سوئرن کي ڪتن هٿان هٿ سان مارائي انهن جو نسل ختم ڪيو آھي. جڏھن ته تازو ئي سوئر کي ٻڌي سوئر مٿان ڪتن جي بڇ ڪري ان کي سخت زخمي ڪيو ويو آھي جنهن جو بچڻ مشڪل آھي. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کي اپيل ڪئي ته سوئر جي مٿان ڪتن جي بڇ ڪندڙن خلاف ڪاروائي ڪري ۽ سوئرن جي نسل ڪشي کي بچايو وڃي.