سامارو(ن پ ا) سامارو جي يونين ڪائونسل ستڙيون جا ڪيترائي ڳوٺ جن ۾  ڳوٺ عيدل نقرچ، ڳوٺ اوطاق  ذوالفقار  علي خاصخيلي، وڏيرو شير محمد ڳھيلڙو، ڳوٺ حاجي رمضان ڪالرو، حاجي نمرو ٿيٻو، نورمحمد  نقرچ، قابل ھاليپوٽو، آدم راڄڙ ، ڳوٺ شاھ محمد ڪورائي، ڳوٺ خان شر، غلام محمد چانڍيو،  ڳوٺ ڏانو مالهي سميت ٻيا ڳوٺ برساتي پاڻي ۾ ٻڏل آھن، جڏهن ته  ھفتو گذرڻ باوجود به برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، ٻي طرف ڳوٺ محمد صديق نقرچ جو رھواسي معصوم 5 سالن جو ٻارڙو عبدالرحمان پٽ مير حسن شر گھرن جي پاسي ۾ بيٺل برساتي پاڻي ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، وارثن پاران ڳولا ڪرڻ بعد برساتي پاڻي مان ٻارڙي جو لاش ھٿ ڪيو ويو،  ٻي طرف معصوم جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.