بلوچستان بجيٽ اجلاس کان اڳ اپوزيشن جو احتجاج، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو

0
182

ڪوئيٽا: بلوچستان جي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ بجيٽ اجلاس کان پهريان اپوزيشن جي احتجاج، صوبائي اسيمبلي کي ميدان جنگ ۾ بدلائي ڇڏيو. اپوزيشن جي ميمبرن بجيٽ اجلاس کان اڳ بلوچستان اسيمبلي جي سڀني دروازن کي لاڪ ڪري ڇڏيو. پوليس اهلڪارن ايم پي اي هاسٽل جي ويجهو اسيمبلي جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي ، جنهن بعد مخالف ڌر جي ميمبرن ۽ پوليس اهلڪارن ۾ تلخ ڪلامي ٿي. انهي دوران پوليس جي بڪتربند گاڏي ٽڪر هڻي اسيمبلي جي گيٽ کي ٽوڙي ڇڏيو، جنهن جي زد ۾ اچي اسيمبلي ميمبر بابر رحيم ۽ عبدالواحد صديقي زخمي ٿي پيا. واقعي کانپوءِ پوليس ۽ اپوزيشن جا ميمبر آمهون سامهون ٿي ويا ۽ جهيڙو ٿي پيو جڏهن ته پوليس اپوزيشن ميمبرن کي ڇڙوڇڙ ڪرڻ لاءِ شيلنگ ڪئي. هنگامي دوران اپوزيشن جا ڪيترائي ميمبر زخمي ٿي پيا ، جڏهن ته اسيمبلي ۾ ڪيترائي شيشا ٽٽي پيا. ان دوران بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال صوبائي وزيرن کي اسيمبلي اندر وٺي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.