جيڪب آباد ۾ پوليس چور کي ڇڏي هيڊماستر کي گرفتار ڪري ورتو

0
258

جيڪب آباد: سٽي پوليس جو ڪارنامو، چور کي ڇڏي اسڪول جي هيڊ ماستر کي گرفتار ڪري ورتو . گورنمينٽ بوائز شيخ عبدالحڪيم پرائمري اسڪول جي ڇت تي رکيل سولر پليٽ چوري ڪندي اسڪول جي اسٽاف هڪ چور کي سوگهو ڪري ورتو، ٽي ڄڻا فرار ٿي ويا. پوليس اسڪول پهچي چور بجاءِ اسڪول جي هيڊ ماستر رحمت الله لاشاري کي گرفتار ڪري وئي. هيڊماستر رحمت الله لاشاري چيو ته اسڪول جي ڇت تان سولر پليٽون چوري ڪندي مير محمد لغاري کي پڪڙي پوليس کي اطلاع ڪيو پر پوليس چور کي گرفتار ڪرڻ بجاءِ مون کي گرفتار ڪيو. سٽي پوليس جو چوڻ هو ته ھيڊ ماستر اطلاع ناهي ڪيو، شور ھئڻ تي پوليس پھچي ٻنهي ڌرين کي ٿاڻي تي وٺي آئي هاڻ ڌريون ٺھي ويون آهن.