ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ حڪومت برسات ايمرجنسي  کي منهن ڏيڻ لاءِ صوبي جي 23 ضلعن ۾ 2550 ڊاڪٽرز، پيراميڊيڪل اسٽاف، ٽيڪنيشنز، ڪميونٽي مڊ وائيوز ( دايون ) ۽ ويڪسينيٽرن کي 89 ڏينهن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪري ڇڏيو. صحت کاتي جي اختيارين پاران حيدرآباد، سجاول، دادو، مٽياري، گھوٽڪي، بدين، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد، عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، خيرپور، ٺٽو، شڪارپور، شهيدبينظيرآباد ۽ سانگھڙ سميت ٻوڏ سٽيل قرار ڏنل 23 ضلعن ۾ هڪ لک رپين جي ماهوار پگھار تي 600 ميڊيڪل آفيسر ۽ 400 ميڊيڪل وومين آفيسر، 60 هزار ماهوار پگھار تي 400 اسٽاف نرسز، 30 هزار ماهوار پگھار تي 400 هيلٿ ٽيڪنيشن،  40 هزار ماهوار پگھار تي 250 ڪميونٽي مڊ وائيوز ۽ 35 هزار ماهوار پگھار تي 500 ويڪسينيٽر 89 ڏينهن جي ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيا ويا آهن. صحت کاتي پاران ڀرتين بابت سروسز کاتي سميت سمورن ڊي ايچ اوز ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي آگاهي پڻ ڏني وئي آهي، انهن ملازمن جي ڪانٽريڪٽ ۾ 89 ڏينهن بعد مدي ۾ واڌ ڪئي ويندي.