بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ۾ بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي ۾ بدين ضلعي ۾ چونڊن ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جا 2488 فارم بحال ۽ 200 فارم رد ٿي ويا آهن. 68 يونين ڪائونسل  2 ميونسپل ڪميٽين ۽ 10 ٽائون ڪميٽين تي 2688 فارم اميدوارن جمع ڪرايا هئا ، جڏھن ته بدين ضلعي جي ٽنڊو غلام علي ٽائون جي 10 وارڊن تي پ پ سان تعلق رکندڙ 10 ئي اميدوار بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن، جڏهن ته ضلعي جي ٻن سيٽن تي پ پ جا ٻه اميدوار ۽ مختلف يونين ڪائونسلن جي وارڊن تي پ پ جا 20 ڪائونسلر بنا مقابلي ڪامياب ٿي ويا آهن. سندن مخالفت ۾ ڪنھن اميدوار فارم جمع نه ڪرايو. 2488 اميدوارن جي نالن جون لسٽون لڳايون ويو آهن ٽنڊي غلام علي ۾ ٽالپر پينل جي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ مير نور محمد عرف مير حاجن ٽالپر. محمد شاھد آرائين. ذوالفقار علي قائم خاني، مختيار احمد کوسو، حاجي محمد سعيد ميمڻ، مولانا خان محمد پٺاڻ، محمد امين خاصخيلي،  صمد خادم حسين شاھ.محمد عمر سمون ۽سيد عبدالستار شاھ شامل آھن. مير نور محمد عرف مير حاجن ٽالپر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو شھرين سميت ايم اين اي مير غلام علي خان ٽالپر جو شڪر گذار آھي جن جي سياسي بصيرت حڪمت ۽ڀرپور محبت جي موٽ ۾ اڳي جيان هن وقت به ٽالپر پينل کي بنا مقابلي سوڀارو ڪيو آهي.