شھدادڪوٽ (رپورٽر) آزاد اميدوار کي کٽرائڻ لآءِ پ پ پ ايم پي اي برهان چانڊيو، ريحان چانڊيو، لشڪر چانڊيو،  اساما چانڊيو ميدان تي اچي ويا، مختلف ڳوٺن ۾ ڪارنرگڏجاڻيون ڪري آزاد اميدوار آصف خان کوسو کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي،  ان سلسلي ۾ ڳوٺ رپ وتو خان چانڊيو ۾ پ پ پ ايم پي اي برھان چانڊيو يونين ڪائونسل الله آباد ۾ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي ميمبر آزاد اميدوار آصف کوسو کي ڪامياب ڪرائڻ لاء چونڊ مھم دوران عوامي جلسي کي خطاب ڪندي چيو ته آصف کوسو اڳ ۾ به آزاد اميدوار جي حيثيت ۾ ڪامياب ٿيڻ بعد پ پ پ ۾ شامل ٿيو ھو، بنيادي طور پيپلزپارٽي جو آهي ۽ ھاڻي به آصف خان کوسو کي چونڊن ۾ ڪامياب ڪرائڻ کان پوء نئون ديرو ھائوس پھچائي فريال ٽالپر اڳيان پيپلزپارٽي ۾ اعلان ڪرائيندس. هن چيو ته  مخالف اميدوار خادم مگسي کي وڏي ليڊ سان بري شڪست ڏيئي ڪيرائڻو آهي.