بدين(رپورٽر) بدين شهر جي مختلف علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ وقت سر مڇر مار اسپري نه ٿيڻ جي ڪري شهر ۾ مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي، سج لهندي ئي مڇرن شهرين جو جنجال ڪريو ڇڏين، مڇرن جي وڌندڙ آزار سبب مليريا سميت ٻين بيماريون ڦهلجهڻ جو خطرو وڌي ويو، شهر جي اڪثر علائقن پوسٽ آفيس روڊ, غريب آباد, مزدور ڪالوني, اتفاق ڪالوني, ايريگيشن ڪالوني, ڀانڊاپور,حاجي هاشم خاصخيلي سميت ٻين هيٺين علائقن مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي، جنهن سبب پاڻي بدبودار ٿي ويو آهي، علائقي واسين جي پاڻي مان اچڻ وڃڻ جي ڪري چمڙي جون بيماريون پڻ ڦهلجهڻ جو خطرو آهي، علائقي واسين اصغر علي, شريف جوڻيجو, رمضآن سولنگي ۽ ٻين مطالبو ڪيو ته جلد از جلد شھر مان برساتي پاڻي نيڪال ڪرائي شهر ۾ مڇرمار اسپري ڪرايو وڃي ته جئين اسان ۽ اسان جا ٻچا بيمارين کان بچي سگهن.